پڙ ڄڃ

پڙ ڄڃ: شاديءَ جي هڪ رسم، جنهن موجب جڏهن گهوٽيتا ڄڃ وٺي ڪنواريتن ڏانهن اچن ته ڪنواريتا مذاق خاطر ڳوٺ کان ٻاهر اچي، لٺيون کڻي گهوٽيتن کي گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ وڙهڻ لاءِ هوڪارين، ٻنهي ڌرين ۾ مصنوعي جنگ ٿئي، پوءِ پاڻ ۾ گڏجي کل مسخريون ڪندا هڪ ٻئي جي آجيان ڪندا آهن. اها رسم سنڌ ۾ اڃا به ڪن ڪن هنڌن تي ٿيندي آهي. اها رسم سنڌ ۾ ڪنهن آڳاٽي واقعي جو پڙاڏو لڳي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو